امر جليل نمبر

امر جليل نمبر (رسالو ): ”ماهوار سهڻي“، ايڊيٽر طارق اشرف، سهڻي پبلشرز، الهندو ڪچو، حيدرآباد پاران معياري ادب پيش ڪندڙ رسالي جو هي امر جليل نمبر آگسٽ- سيپٽمبر 1973ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي سادي ڪاپيءَ جي قيمت -/5 روپيا ۽ اُچي ڪاپي -/10 رکيل آهي. امر جليل نمبر ۾ مولانا غلام محمد گرامي، نسيم کرل، زيب ڀٽي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقادر جوڻيجي، مهتاب محبوب، ممتاز مهر، مير محمد پيرزادي، عنايت بلوچ، طارق اشرف، امداد حسيني، قمر شهباز ۽ ٻين جا امر جليل جي فن ۽ شخصيت تي مضمون ۽ تاثر ڇپيل آهن. هي نمبر ڊائجسٽ سائيز جي 293 صفحن تي مشتمل آهي.
هڪ ٻيو امر جليل نمبر شاهه لطيف چيئر جي ٽماهي جرنل ”ڪلاچي“ جو پڻ جون 2008ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي.


لفظ امر جليل نمبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو